پَسي ڳاڙها گُلَ

پَسي ڳاڙها گُلَ

پسي ڳاڙها گل

پسي ڳاڙها گل (ڪتاب ):نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جي ڪهاڻين جو مجموعو ’پسي ڳاڙها گل‘ پهريون ڀيرو 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبلڪيشن طرفان ڇپايو ويو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 170 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 56 روپيا آهي، ان جو ٻيو ڇاپو 1991ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ شامل رسول بخش پليجي جي مشهور ڪهاڻي ”پسي ڳاڙها گل“ تي 1960ع جي ڏهاڪي ۾ جمال ابڙي، محمد ابراهيم جويي، سراج ۽ ٻين نقادن ڪافي بحث مباحثا ڪيا هئا. سندس هيءَ ڪهاڻي جديد سنڌي ڪهاڻين جي تاريخ ۾ هڪ اهم ڪهاڻي شمار ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو